مبارڪپور ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان جهيڙو، پنج ڄڻا زخمي

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور شھر مين اسٽاپ تي ميرل پراڻو جا راهوسي بنگلاڻي برادري جي  ڪارنهن معاملي تان اشرف بنگلاڻي ۽ فخرالدين بنگلاڻي جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب امداد بنگلاڻي، الطاف ۽ اشرف بنگلاڻي سميت 5 ڄڻا رتورت ٿي ويا، مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن کي ٿاڻي تي کڻي آئي، زخمين کي ليٽر ٺاهي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ٺل موڪليو ويو.

ڌرين هڪ ٻئي مٿان 5 ڄڻن تي اين سي داخل ڪري ڇڏئي، آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل نه اچي سگهي هئي نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.