مبارڪپور ۽ ڀرپاسي حددخلين خلاف آپريشن، گهر، اوطاقون ۽ دڪان ڊاهي پٽ، متاثرين جو احتجاج

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور جي ڀرپاسي مختلف  شاخن جي ڪپرن ۽ ڳوٺن ۾ ايريگيشن عملدارن  پوليس ساڻ ڪري مشينري سان مرزا شاخ  جي ٻنهي ڪپرن تي اڏيل سوين گهر، اوطاقون ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن.

هزارن جي تعداد ۾ متاثرين کليل آسمان هيٺ بي يارو مدد گار ويٺل آهن. متاثرين الله بخش لنجواڻي، مختيار لنجواڻي، مولابخش معشوق مستوئي ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان وٺي کڪائن گھرن ۾ رھون ٿا، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايريگيشن کاتي جي انتظاميا اسان جا گھر ڊاھي اسان کي بي گھر ڪري ڇڏيو آھي.