ميهڙ واقعي جا جوابدار حراسان ڪري رهيا آهن، جان کي خطرو آهي: ام رباب چانڊيو جي پريس ڪانفرنس

news

ميھڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميھڙ واقعي جي ٽن مقتولن جي وارث ام رباب چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پ پ ايم پي اي ڀائر سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عبوري ضمانت جو ناجائز فائدو وٺندي اسان کي ۽ ڪيس جي شاهدن کي حراسان ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري اسان کي ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو مان خطرو آهي.

هن چيو ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو ڪجھ چانڊيا برداري جي ماڻھن کي مرتضيٰ چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن جيان استعمال ڪرڻ گهرن ٿا، هن چيو ته منهنجي امڙ سرڪاري موڪل تي ملڪ کان ٻاهر ويل آهي، جڏھن ته پنج مهينا اڳ منهنجي امڙ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني آهي، جيڪا قبول نه ٿي ڪئي وڃي.

هن چيو ته ايم پي اي سردار چانڊيو اسان تي قبضاخوري جا الزام هڻي پيو پر ميھڙ شهر ۾ قبضي لاءِ فائرنگ ڪرايائين، ڪچي ۾ لياقت جتوئي جي زمين تي قبضو ڪيائين، هن چيو ته پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو مٿان ٽن قتلن کانسواءِ ٻيا به قتل ڪيس داخل ٿيل آھن.

هن چيو ته اسان کي جيڪو به نقصان ٿيو ان جا ذميوار سردار چانڊيو، برهان چانڊيو، سنڌ پوليس ۽ پ پ قيادت هوندي. هن چيو ته سردار چانڊيو اسان تي وڏا الزام هڻي پيو پر پاڻ قبضاخور آهي.

هن چيو آهي ته مرڻ گهڙي تائين هن جاگيردار جي ظلم خلاف جدوجهد رکندس، ساڻس ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، هي منهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جو قاتل آهي کيس هرگز معاف نه ڪنديس، هن چيو ته عدالت تي ڀروسو آهي ته اهي انصاف فراهم ڪنديون.

هن چيو ته 26 مارچ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ 27 مارچ تي سيشن جج دادو جي عدالت ۾ حاضري آهي.