اوڏيرولال:استادن جون خالي جايون ڀرڻ لاءِ ٽيسٽ پاس ڪميٽي جو احتجاج

news

اوڏيرولال(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ضلعي مٽياري جي اميدوارن جو عرفان عمراڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اوڏيرولال اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن معشوق گهانگهلو، سڪندر گهانگهلو، عابد هنڱورو، غلام رسول هنڱورو، گلزار خشڪ، ارشاد هاجاڻو، ارشاد ساهووال، رميش ميگهواڙ، غلام محمد هنڱورو ۽ ٻين چيو ته 2009 ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت مسلسل ٽال مٽول ڪري اسان کي’ نظرانداز ڪري رهي آهي. 

هنن چيو ته سنڌ ۾ استادن جون 37 هزار جايون خالي آهن، 2009 ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙن اميدوارن کي مقرر ڪري باقي سيٽن تي نئين ٽيسٽ وٺي ڀرتي ڪئي وڃي.