گولاڙچي: پوليس جي ظلم خلاف نوداڻي ۽ مهيري برادري جو احتجاج، انصاف جو مطالبو

news

گولاڙچي(رپورٽ:ساجد اقبال) ڪڙيو گهنور پوليس جي زيادتين خلاف مهيري ۽ نوداڻي برادري جي سوين ماڻهن شفيع محمد مهيريٖ غلام حسين مهيري، حافظ گلزار نوداڻي ۽ ٻين پاران شهيد فاضل راهو چوڪ کان ريلي ڪڍي ٽي وي جرنلسٽ ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته پورهيت محبوب سهتو جي قتل سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي، ڊي ايس پي گولاڙچي کي اسان پاران ڏنل 3 همراهن اشرف، يوسف مهيري ۽ دلدار نوداڻي کي بااثرن جي چوڻ تي تشدد ڪري قتل جو ذميوار مڃرائي بي گناھ ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪئي آهي، جي همراهن جو قتل سان ڪو واسطو ڪونهي. هنن چيو ته محبوب سهتي وارا ڪراچي مان 2 عورتن کي به کڻي آيا هئا جن مان هڪ عورت هنن واپس به ڪئي هئي، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته ونگاري پوليس عملدارن کي ھٽائي جي آئي ٽي جوڙي پورهيت محبوب سهتو جي قتل جي جانچ ڪري اصل قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾احتجاجن سان گڏ سنڌ هاء ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين.