گمبٽ:ابل واهه ۾ وهجندي ٻه نينگر ٻڏي فوت، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

news

گمبٽ(رپورٽ:ادريس عباسي)گمبٽ جي وچ شھر مان نڪرندڙ ابل واھ ۾ وهجندي ٻه نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا آھن. جن کي اتي موجود ماڻھن واھ مان ڪڍي اسپتال پھچايو جتي ٻنھي نينگرن جي سڃاڻپ گمبٽ جي رضا ڪالوني واسي ارمان ڪوري ۽ ابن اڄڻ طور ٿي آهي .

ٻڌايو وڃي ٿو تہ گمبٽ جي ابل واهه ۾ پاڻيءَ جو چاڙھ ھجڻ ڪري وهجندي ٻئي ٻڏي فوت ٿي ويا آهن، ڊاڪٽرن ٻنهي نينگرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي جنھن بعد نينگر ارمان ڪوري ۽ ابن اڄڻ جي لاشن کي وارثن حوالي ڪيو ويو آھي جنھن بعد فوتي ٻارڙن جي گھرن ۾ روڄ راڙو ۽ ڪھرام متل آھي.

ھوڏانھن گمبٽ پوليس جو چوڻ آھي تہ ٻارڙن جي ٻڏي فوت ٿيڻ بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.