news
ڄامشورو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ ايل ايل ايم جي داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ٿي گذري

ڄامشورو(رپورٽ:حيات ميراڻي) سنڌ يونيورسٽي ۾ ايل ايل ايم ايوننگ پروگرام ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ 100 سيٽن لاءِ مجموعي طور 142 اميدوارن حصو ورتو.

سنڌ يونيورسٽي ۾ ايل ايل ايم ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ صبح جو ڏھين وڳي شروع ٿي، اميدوارن يونيورسٽي انتظاميه جي ھدايت تي فيس ماسڪ پائڻ سان گڏ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو.

ٻئي طرف وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو، رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو ۽ ٻين انتظامي عملدارن سان گڏ امتحاني سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ٽيسٽ لاءِ ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ھوڏانھن ايل ايل ايم ايوننگ پروگرام ۾ داخلائن لاءِ 123 مرد ۽ 19 عورت اميدوارن انٽري ٽيسٽ ڏني، جڏھن ته 18 مرد اميدوار ۽ 2 عورت اميدوار غيرحاضر پڻ رھيا، 100 سيٽن لاءِ مجموعي طور 162 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون ھيون، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سروس پاران ايل ايل ايم جي ٽيسٽ جا نتيجا يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آھن.