سموري دنيا ۾ هٿيارن جي خريداري ۾ اضافو نه ٿيو

news

نيويارڪ:سموري دنيا ۾ هٿيارن جي خريداري جي حوالي سان هڪ ڏهائي بعد اضافو ريڪارڊ نه ٿيو.

هٿيارن جي خريداري بابت انڪشاف اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽي ٽيوٽ پاران جاري رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب دنيا ۾ هٿيارن وڪرو ڪندڙ 3 وڏن ملڪن آمريڪا، فرانس، ۽ جرمني پاران ڊليوري ۾ اضافو ٿيو پر روس ۽ چين پاران ايڪسپو ۾ گهٽتائي سان مجموعي طور هٿيارن جي خريداري گهٽ ٿي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هٿيارن جي خريداري ۾ هڪ ڏهائي کانپوءِ اضافو نه ٿيو.