سينيٽ چونڊن ۾ ادارن جي مداخلت نظر اچي رهي آهي: مولانا فضل الرحمان

news

پشاور: (سومر 15 مارچ 2021ع) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سينيٽ چونڊ ۾ ادارن جي مداخلت نظر اچي رهي آهي.

صوبائي سيڪريٽريٽ مفتي محمود مرڪز پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته مريم نواز کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ ان جي ضمانت رد ڪرائڻ جي لاءِ نيب هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. ڇا نيب ادارن جو ترجمان آهي؟ نيب ٻين ادارن جو ترجمان بڻجي اسان جي موقف جي تصديق ڪري رهيو آهي. هاڻ عدالتون ئي اسان جي آخري اميد بڻجي چڪيون آهن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ادارن جي مداخلت نظر اچي رهي آهي. سينيٽ چيئرمين جي چونڊ  ڪو انجنيئرڊ هئي.  اسان جي جائز ووٽن کي ڇو رد ڪيو ويو ۽ ووٽ رد ٿيڻ جو ملبو به عدالتن تي وڌو ويو آهي. 2 ارب روپين جي ڊيفالٽر کي اليڪشڻ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي؟ وفاداريون ڇو تبديل ٿي رهيون آهن ان جي پٺيان دٻاءُ هوندو، لالچ يا ڌمڪيون هونديون. ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ دوران سمورا  ادارا انڌا ٿي چڪا هئا.

پي ڊي ايم جي سربراهه چيو ته ماضي ۾ مختلف پارٽين جي ميمبرن پنهنجي ووٽ جو غلط استعمال ڪيو. ڪنهن هڪ ميمبر جي ڌوڪي سان پارٽين جي پوزيشن تبديل ناهي ٿيندي. اپوزيشن پارٽيون متحد آهن. سڀاڻي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ لانگ مارچ بابت حتمي حڪمت  عملي طئي ٿيندي. پارليامينٽ مان استعيفيٰ نٿا ڏين ته لانگ مارچ جو وڌيڪ فائدو نه ٿيندو. پي ڊي ايم جو لانگ مارچ هڪ ڏينهن جو نه هوندو.