news
اسلام آباد

ملڪي ترقي ۾ حصو وٺندڙن کي سپورٽ ڪنداسين: اسٽيٽ بينڪ جو گورنر

اسلام آباد: اسٽيت بينڪ جي گورنر رضا باقر چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺندڙن کي اسٽيٽ بينڪ سپورٽ ڪندي.

صحت ڪهاني جي پروگرام واري تقريب کي خطاب ڪندي عورتن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ 5 سيڪڙو تي قرض جي سهولت ڏني آهي جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ اي ڪامرس ذريعي آءِ ٽي ۽ اسٽارٽ اپ سان عوام کي سهولتون ڏيڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته 2 لک ڊالت تائين سروسز توهان ٻاهرين ملڪن جي ڪمپنين کان حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ اسان کي خوشي آهي ته اي ڪامرس جي شعبي ۾ 10 لک ڊالر جي فنڊنگ ٿي.