پي ڊي ايم کي چونڊن ۾ ڪاميابي ملي، عوام اسان سان گڏ آهي: بلاول ڀتو

news

حيدرآباد: (سومر 15 مارچ 2021ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيرئمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ننڍي چونڊ ۾ واضح ڪاميابي ملي.

عوام اسان سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جو اميدوار ڪامياب ٿيو پر پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي مرضي جو نتيجو ڏنو. هن چيو ته جائز ووٽ رد ڪري پنهنجي اميدوار کي ڪرسي تي ويهاريو ويو. پ پ پ جي چيئرمين چيو ته صوبن ۾ حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪيو پي ڊي ايم جي اميدوار کي 49 ۽ حڪومتي اميدوار کي  48 ووٽ مليا.

هن چيو ته عدالتي فيصلي ايندو ته خبر پئجي ويندي ته سينيٽ ۾ به حڪومت کي شڪست ملي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀاڻي اسان جو سربراهي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪنداسين. حيدرآباد ۾ وڻڪاري مهم تحت هڪ لک ٻوٽا لڳايا ويندا.