ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ پروگرام ٽنڊو محمد خان طرفان ڳوٺ محمد يوسف نوراڻي ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي

news

ملاڪاتيار: ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ پروگرام ٽنڊو محمد خان طرفان ڳوٺ محمد يوسف نوراڻي ۾ هڪ تقريب منقعد ڪئي وئي.

تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. ان موقعي تي روبينه بلوچ چيو اسان جي اين جي اوز غريب ماڻهن جي مدد لاءِ ڏينهن رات ڪوششون وٺي رهي آهي، اسان غريب ماڻهن جي گهرن جو تعميراتي سامان مهيا ڪري رهيا آهيون.

هن تقريب جي ميزباني ضلعي ڪوآرڊينيٽر روبينه بلوچ، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر عديله، ايڊمن شعيب، انجنيئر مرتضيٰ علي سٺيو، انجنيئر اياز علي سومرو ۽ انجنيئر فرمان علي ڪري رهيا هئا. ورلڊ وائڊ ڊونر مس ماريه انور پروجيڪٽ انجنيئر علي غلام هن تقريب جا مهمان خاص عرفان علي ٻگهيو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر حيدر علي شاهه ايڇ ڊي ايف ۽ فرمان علي اين آر ايس پي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي جزوي ۽ مڪمل طور متاثر ٿيل ڳوٺ محمد يوسف نوراڻي جي غريب مسڪين مستحق بي گهر ماڻهن لاءِ گهرن کي ٺاھڻ جو تعميراتي سامان ۽ ايزي پيسه جي ذريعي هر مستحق کي پنهنجي نويت مطابق 5000 هزار ۽ 10000هزار ڪيش به ڏنا ويا.

عرفان علي ٻگهيو ٿرديپ جي انسان دوست عمل کي ساراهيندي چيو ته اهڙا پروجيڪٽ غريب ماڻهن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندا آهن، مسڪين ماڻهن جي همت افزائي ٿيندي آهي، ڳوٺ محمد يوسف نوراڻي جي متاثر ماڻهن جو چوڻ ھو ته حڪومت سنڌ حددخليون ڄاڻائي صرف گهر ڊاهڻ ڄاڻي ٿي پر ڪنهن غريب جو گهر ٺاهي نه ٿي سگهي، جس آهي ٿرديپ کي جيڪا ڳوٺ ڳوٺ وڃي هن گرم موسم ۾ اس ۾ ويٺل غريب ماڻهن کي گهرن جو تعميراتي سامان مهيا ڪري رهي آهي، ٻهراڙين جا مسڪين ماڻهون کين دعائون ڏيندا رهندا.

ورلڊ وائڊ ڊونر مس ماريه انور جو چوڻ ھو ته اسان جي هي اين جي اوز سنڌ ۾ تمام گهڻي برساتن جي ڪري جن مسڪين ماڻهن جا گهر ڊهي پيا هئا اهي بي گهر ماڻهون سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا هئا انهن بي گهر ماڻهن کي تمام احسن طريقي سان گهرن جو تعميراتي سامان مستحقن تائين پهچايو ۽ بهتر طريقي سان ورهاست به ڪري رهي آهي.