اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ عظيم باريجو واسين جو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ عظيم باريجو جي رهواسين عبدالرحمان مڱڻهار ۽ وزير احمد مڱڻهار پريس ڪلب اوڏيرولال اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جو ويڳو ڀاءُ چنيسر مڱڻهار ولد عيسيٰ مڱڻهار مسمات مريم مڱڻهار کي ڀڄائي ويو هو، جنهن جو شاهپور ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هنن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته چنيسر مڱڻهار اسان جو ويڳو ڀاءُ ضرور آهي پر ان سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي ۽ هو اسان کان الڳ آهي ۽ ڄاڻايل ڇوڪرو رهندو ۽ ڪمائيندو به عبدالمجيد مڱڻهار وٽ هو، مخالف اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.

هنن چيو ته چنيسر مڱڻهار جي عمر 15 سال ۽ مسمات مريم جي عمر 60 سال آهي. هنن چيو ته اسان پاڻ پريشان آهيون ته ايئن ڪئين ٿو ٿي سگهي. هنن چيو ته اسان کي ان معاملي جي ڪابه خبر نه آهي پر جيڪڏهن چنيسر مڱڻهار عورت کي ڀڄايو به آهي ته ان هو پاڻ ذميوار آهي. هنن چيو ته اسان جو ساڻس سان ڪوبه واسطو نه آهي.

هنن چيو ته فريادي ڌر جا ماڻهو اصغر، ڍولو، الهڏنو، ربڏنو ۽ حاجي مڱڻهار اسان کي ۽ اسان جي عزيزن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان اوهان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائينداسين. هنن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن کي خبر آهي ته چنيسر مڱڻهار ۽ مسمات مريم ڪٿي آهن پر ان جي باوجود به اسان کي جاني ۽ مالي ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان کان عورت جي ڳولا جي سلسلي ۾ فريادين اسان کان هڪ لک رپيا ورتا آهن ۽ وڌيڪ پئسا نه ڏيڻ تي هو مختلف طريقن سان اسان کي پريشان ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته اسان غريب ماڻهو آهيون پر اسان کي تنگ ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان هراسان ڪيو پيو وڃي. هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، آر پي او حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.