سعودي عرب ۾ ڪرپشن خلاف ڪريڪ ڊائون، ٻه سئو ايڪيتاليهه ڄڻا گرفتار

news

رياض: سعودي عرب ۾ ڪرپشن خلاف تازو ڪريڪ ڊائون دوران ڪيترين ئي وزارتن جي ملازمن سميت 241 ڄڻا گرفتار ٿي ويا.

الجزيره جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي احتساب اٿارٽي جو چوڻ هو ته ڪيترين ئي وزارتن سميت 241 ڄڻ کي مبينا طور ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ تي گرفتار ڪيو ويو.

سعودي عرب جي نيشنل اينٽي ڪرپشن ڪميشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شڪي ماڻهن ۾ گهرو وزارت، صحت، ميونسپل ۽ ٻهراڙي جا معاملا، هائوسنگ، تعليم، انساني بهبود، سوشل ڊولپمينٽ، ڪسٽم ۽ پوسٽل جي ملازمن شامل آهن.