مسوڀرگڙي سميت تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي جي علائقن ۾ ڪڻڪ جو نئون فصل لهي ويو، سرڪاري سينٽر نه کليا، آبادگار پريشان

news

مسوڀرگڙي (رپورٽ: پانچورام) تعلقي حيدرآباد رورل  ۾ ڪڻڪ جو نئون فصل لهي ويو، ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سرڪاري سينٽر نه کلي سگهيا.

مسوڀرگڙي سميت تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي جي علائقن واڻڪي وسي، ٽنڊو سعيد خان، طالب الموليٰ ڪالوني، غلام حيدر جويا، مريد سپيو، ميوو حاجاڻو، ھٽڙي باءِ پاس، ناريجاڻي، عثمان شاهه اسٽاپ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿي چڪو آهي ۽ نئون  ڪڻڪ جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي پر خوراڪ کاتي حيدرآباد طرفان اڃا تائين ڪڻڪ جو سرڪاري خريداري جو سينٽر نه کلي سگھيو آھي، جنهن ڪري آبادگار طبقو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جڏهن ته نئين ڪڻڪ جي خريداري لاءِ واپارين جا ٽولا آبادگارن کي سستي اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.

ان حوالي سان آبادگارن شير مري، فتو جکرو، پنھل لغاري، يوسف وگھيو ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو اگھ في مڻ 2000 روپيه مقرر ڪيو آهي، جيڪو اگھ مناسب ناهي پر ان جي باوجود خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سينٽر قائم نه ڪري سگهيو آهي، جنهن سان آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته واپاري ۽ سيٺ ڪورونا وائرس جو خوف ڏئي ۽ شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ جا خوف ڏئي ڪڻڪ سستي اگھ تي خريدڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. هنن چيو فوري طور ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر کولي سرڪاري اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي، ھنن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سينٽر نه کلڻ تي سخت افسوس جو اظهار ڪيون ٿا. ھنن چيو ته  ڪڻڪ جو في مڻ 3000 روپيه مقرر ڪري ۽ ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر کولي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي ته جيئن غريب ھاري طبقي کي فائدو پهچي سگهي.