مبارڪپور ڀرسان ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر، مزاحمت تي زخمي

news

مبارڪپور (رپورٽ: مھر قربان علي) مبارڪپور ڀرسان دلمراد ٿاڻي حد جي لاهي چاڙهي وٽ نامعلوم هٿياربند عبدالجبار بروهي کان موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي نوجوان کي هٿياربند قنداق هڻي مرڻينگ ڪري وڌو ۽  موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا.

اهڙي واقعي جو اطلاع  دلمراد ٿاڻي جي  پوليس کي ڏنو ويو. هوڏانهن زخمي نوجوان کي وارث ٺل اسپتال کڻائي ويا، آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.