روس ۽ ايران صدارتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي: آمريڪا

news

واشنگٽن: آمريڪي انٽيليجينس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020 واري آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روس ۽ ايران اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

آمريڪا جي انصاف واري کاتي ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي پاران جاري انٽيليجينس رپورٽ ۾ دعوا ڪئي وئي آهي ته روسي صدر ولاديميئر پيوٽن ٽرمپ جي حمايت ۽ آمريڪا کي سياسي ۽ سماجي طور ورهائڻ لاءِ آپريشن جي منظوري ڏني.

انٽيليجينس رپورٽ موجب روس، ايران ۽ چين جي حمايت ڪندڙ عنصر آمريڪي سياسي تنظيمن جي سيڪيورٽي نيٽ ورڪس تي اثرانداز ٿيا.

ٻئي طرف روس ۽ ايران اڳ ئي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ اثرانداز ٿيڻ وارن الزامن کي رد ڪري چڪا آهن.