نفسياتي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ دنيا جو انوکو تجربو

news

پيرس: (اربع 17 مارچ 2021ع) سڄي دنيا ۾ نت نوان ۽ انوکا تجربا ڪندڙ ماڻهن جي ڪابه کوٽ ناهي پر تازو ئي 15 ماڻهن دنيا جو  پهريون ۽ انوکو تجربو ڪرڻ وڃي رهيا آهن جنهن جو تجربو جديد ۽ آسائشن سان ڀرپور هن دور ۾ هر شخص جي لاءِ ممڪن ناهي.

هن انوکي تجربي جي تحت 8 مردن ۽ 7 عورتن تي ٻڌل هي ٽيم 40 ڏينهن بنا موبائل فون، گهڙين ۽ بنا ڪنهن ڊيوائسز جي ڏکڻ آفريقا ۾ واقع ارائج غار ۾ گذاري رهيا آهن. هن پراجيڪٽ کي ڊيپ ٽائم جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو هلندڙ مهيني 15 مارچ تي شروع ڪيو ويو آهي هي پراجيڪٽ اصل ۾ فرانس سان تعلق رکندڙ فرانسڪو سوئش ڪرسٽن گلور جو آئيڊيا آهي جيڪو پاڻ به هن تجربي جو حصو هوندو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪرسٽن گلور پنهنجي سفر جي شروعات تازو ئي ڪئي آهي جنهن جي تحت ڪرسٽن گلور ايندڙ 40 ڏينهن بنا ڪنهن ٽيڪنالاجي جي هڪ وڏي غار ۾ گذاريندا. ڪرسٽن جي گروپ جي سمورن ماڻهن جي سازوسامان کي سينسر ڪيو ويو آهي جنهن مان ڪيترائي سائنسدان ان جي زمين جي سطح کان فولو ڪري سگهن ٿا.

پيرس جي ڪوگنينواور ڪمپيونيشنل نيوروسائنسز جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته هي پنهنجي نوعيت جو دنيا جو پهريون تجربو آهي جنهن ۾ گروپ ۾ شامل ماڻهن جي ذريعي ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته بنا ڪنهن ڊيوائسز جي زندگي گذارڻ سان ان ماڻهن جي نفسيات تي ڪهڙا اثرات مرتب ٿيندا آهن.