گمبٽ ۾ سماجي تنظيم پاران سالياني ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) سماجي تنظيم هينڊز پاران ساليانه ايوارڊ تقريب سچل آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ضلعي انتظاميه ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻن سان گڏجي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسٽاف ۽ رضاڪارن ۾ مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا، جڏهن ته ضلعي جي اسٽيڪ هولڊرن کي پڻ سهڪار ڪرڻ تي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

تقريب ۾  ايم اين اي جاويد علي شاهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي خيرپور جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن انسان ۾ انسانيت آهي ته اهو انسان لاءِ ضرور سوچيندو ۽ انساني مخلوق جي خدمت پڻ ڪندو. هينڊز تنظيم سان تمام پراڻو تعلق آهي. ڪافي وقت پهريان مون هينڊز ۾ رضاڪاراڻه طور پڻ ڪم ڪيو آهي، هن هينڊز جي باني پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفار بلو جي ڪيل ڪاوشن کي پڻ ساراهيو ۽ ان مان عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي تقريب کي خطاب ڪندي هينڊز پاران عوام جي ڪيل خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اسان جي خيرپور ۾ ٽيلينٽ جي ڪمي نه آهي ضلعي ۾ ڪافي ٽيلنٽ موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته هينڊز پنهنجي سروسز کي هيٺين ليول تائين کڻي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. اهو اسان سڀني جو فرض آهي ته پنهنجي شهر جي حفاظت ڪيون ان کي صاف شهر بڻايون ته جيئن صحتمند معاشرو قائم ڪري سگھون.

ان موقعي تي گمس جي ڊائريڪٽر رحيم بخش ڀٽي جي صحت جي شعبي ۾ ورتل  ڪاوشن ۽ خدمتن جي پڻ تعريف ڪئي ته گمس جهڙو ادارو سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي به نه آهي.

هينڊز جي  هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ايجوڪيشن قلندر بحراڻي تقريب کي هينڊز بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هينڊز گذريل 41 سالن کان واش، تعليم، صحت، انفرا اسٽرڪچر، قدرتي آفتن جي روڪ ٿام سميت مختلف پراجيڪٽس تي ڪم ڪري رهي آهي. هينڊز  پاران هيل تائين 38 هزار استادن کي ٽريننگ ڪرائي وئي آهي ۽ 4 لک کان وڌيڪ ٻارن کي انرول ڪرائي چڪي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هينڊز بي سهارا مفلوج معزور ماڻهن کي مختلف فيلڊز ۾ ٽريننگ مهيا ڪري رهي آهي جڏهن ته  مختلف ضلعن اندر صحت تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي ۽ جلد هينڊز انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اسٽڊيز شروع ڪيو ويندو.

هينڊز جي ڊسٽرڪٽ مينيجر حيدر علي جتوئي  چيو ته هينڊز طرفان خيرپور ضلعي اندر مختلف پروجيڪٽس تي بنا ڪنهن فرق جي ڪم ڪيو آهي جنهن مان ضلعي جا هزارين ماڻهو پڻ فائدو حاصل ڪري چڪا آهن هينڊز طرفان هر سال ايوارڊ پروگرام ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي پر ڪورونا سبب هن ڀيري ضلعي سطح تي ڪيو پيو وڃي ته جيئن ضلعي سطح تائين هينڊز جي ڪم بابت عام ماڻهو تائين معلومات پهچي سگھي. هن چيو ته هن تقريب جو مقصد آفيس، ڪميونٽي جو اسٽاف، ڪميونٽي ميمبر ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي سندن جي بهترين ڪارڪردگي تي حوصلا افزائي لاء  مڃتا جا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ آهي هينڊز خيرپور ۾ يونيسيف جي فنڊنگ سان واش تي 4 پراجيڪٽ ڪيا آهن ۽ يونيسيف جي تعاون سان خيرپور ضلعي کي پاڪستان جو پهريون اوپن ڊيفيڪيشن فري ضلعو بڻائڻ لاءِ پڻ پلاننگ ڪئي پئي وڃي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هينڊز جي ماتحت 40 اسڪول خيرپور ۽ 40 اسڪول گمبٽ ۾ مفت تعليم مهيا ڪري رهيا آهن. سماجي تنظيم هينڊز ضلعي اندر 2014 ۾ مختلف ڳوٺن ۽ اسڪولن ۾ واش پراجيڪٽ کان شروعات ڪئي جڏهن ته 2015 جي ٻوڏ دوران حساس قرار ڏنل علائقن اندر ايمرجنسي ڪم شروع ڪيو جنهن ۾ 800 کان روفنگ ڪٽس تي ڪم سرانجام ڏنو.هينڊز ضلعي اندر واش، روفنگ ڪٽس، ايجوڪيشن، ڊزازٽر مئنيجمنٽ ۽ ڪورونا دوران مختلف پراجيڪٽس تي ڪم سرانجام ڏنو آهي.

تقريب ۾ ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر امتياز علي جويو، ٽي اي او ايجوڪيشن فردوس ڦلپوٽو، اي سي ٺري مير واهه اعجاز علي، انفارميشن آفيسر خيرپور ڪامران احمد ڦلپوٽو، عنصر سنڌو، سوشل ويلفيئر جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قمر الدين چنو کي بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ميڊيا، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جي آفيسرن سميت اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.