انسٽاگرام تي آمريڪي گلوڪاره جي تصوير کي ڇهن منٽن ۾ ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن لائيڪ ڪيو

news

واشنگٽن: (خميس 18 مارچ 2021ع) آمريڪي گلوڪاره بلي آئلش جي تصوير کي 6 منٽن ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن لائيڪ ڪيو.

رپورٽ موجب آمريڪي گلوڪاره  19 ساله بلي آئلش جي انسٽاگرام تي ڌوم متل آهي. هن پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي ته صرف ڇهن منٽن دوران ئي انسٽاگرام تي 10 لک کان وڌيڪ لائڪ اچي ويا. جڏهن ته 10 ڪلاڪن ۾ اهو انگ 15 ملين کان وڌيڪ ٿي چڪو هئو.

آمريڪي نوجوان گلوڪاره ڪريمي سميت ٻيا وڏا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي ۽ انسٽاگرام تي ان جي فالوورز جو انگ 78 ملين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته هن پنهنجو پاڻ کي به فالو نه ڪيو آهي.