افغانستان ۾ بم ڌماڪي ۽ هيليڪاپٽر ڪرڻ سبب ٻارهن ڄڻا فوت

news

ڪابل: افغان آرمي جو هيليڪاپٽر ڪرڻ ۽ بس مٿان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.

افغان بچاءَ جي وزارت موجب ميدان وردڪ صوبي ۾ فوجي هيليڪاپٽر ايم آءِ 17 ڪريش لينڊنگ سبب تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب 4 فوجي هيليڪاپٽرز بهسود ضلعي ڏانهن سامان ۽ کاڌي پيتي جو شيون کڻي وڃي رهيا هئا، لينڊنگ دوران نامعلوم ماڻهن راڪٽ فائر ڪيو جنهن ڪري هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو پر عملدارن راڪٽ حملي جي تصديق نه ڪئي آهي.

ٻئي طرف راڄڌاني ڪابل ۾ سرڪاري ملازمن جي بس کي ڌماڪي جو نشانو بڻايو ويوجنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به گروپ قبول نه ڪئي آهي.