وقت سان گڏوگڏ ڪورونا موسمي بيماري بڻجي رهجي ويندي: گڏيل قومون

news

نيويارڪ: (خميس 18 مارچ 2021ع) گڏيل قومن چيو آهي ته وقت سان گڏوگڏ ڪورونا موسمي بيماري بڻجي رهجي ويندي.

گڏيل قومن جي ورلڊ ميٽرو لوجيڪل آرگنائيزيشن جي 16 رڪني ٽيم موجب تنفس جون بيماريون عام طور تي موسمياتي هونديون آهن. ان لاءِ امڪان آهي ته ڪورونا به ڪجهه عرصي کان پوءِ نزلي، زڪام جيان سياري جي موسم جي بيماري بڻجي سگهي ٿي.

آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته صرف موسمي بيماري سمجهي ڪورونا بابت احتياط کي نه ڇڏڻ گهرجي. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڪيسز ۽ فوتگين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. جڏهن ته ويڪسينيشن جو سلسلو به جاري آهي.