آمريڪي سينيٽرز ڀارت کي پابندين کان خبردار ڪري ڇڏيو

news

واشنگٽن: سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن بابت ڪميٽي جي چيئرمين رابرٽ مينيڊز آمريڪا جي بچاءَ واري وزير کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلم مخالف روين، ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ، سياسي مخالفن کي جيل ۾ وجهڻ ۽ پابندين جو ذڪر ڪيو آهي.

سينيٽ جي قيادت پاران ڀارت ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ جمهوري قدرن کان پري ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

آمريڪا جي بچاءَ واري وزير کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارتي هم منصب سان ملاقات ڪري کيس انساني حقن جي خلاف  جي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪري.