ڀارتي وومين ريسلر فائنل ۾ شڪست کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو.

news

نئين دهلي: ڀارتي اسٽار وومينز ريسلر گيتا ۽ ببيتا ڦوگٽ جي ڪزن ريتيڪا فائٽ هارائڻ تي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب راجسٿان جي شهر ڀرت پور ۾ 12 کان 14 مارچ دوران ريسلنگ ٽورنامينٽ ٿيو، جنهن جي بائوٽ ۾ 17 سالن جي ريتيڪا کي صرف هڪ پوائنٽ ناڪامي ٿي جنهن تي هوءَ ڪافي مايوس ٿي پئي.

ريتيڪا هڪ ڏينهن کانپوءِ پنهنجي چاچي جي گهر ۾ ڇت جي پنکي ۾ لٽڪيل ڏٺي وئي، هوءَ ان گهر ۾ چئن سالن کان ترسيل هئي ۽ چاچي جي اڪيڊمي ۾ ئي تربيت حاصل ڪري رهي هئي پر پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

گيتا ۽ ببيتا ڦوگٽ پنهنجي ڪزن جي انداز سان موت تي سوشل ميڊيا تي جذباتي انداز ۾ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.