گمبٽ ۾ پرائمري اسڪول جھنگل خان اڄڻ تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب سھولتن کان محرو

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) گمبٽ ۾ پرائمري اسڪول جھنگل خان اڄڻ  تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب سھولتن کان محرو آھي، اسڪول جا شاگرد فرنيچر نه ھجڻ ڪري ھيٺ ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، جنھن سبب شاگردن جا ڪپڙا به ميرا ٿي وڃن ٿا نه فقط ايترو پر اسڪول ۾ واش روم وغيرہ به جوڙايل نه آھي، جڏھن ته شاگرد ٿڌي پاڻي جي نعمت کان محروم آھن.

اسڪول جي استاد علي حسن منگي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ فرنيچر، واش روم ۽ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي جھڙيون بنيادي سھولتون نه ھجڻ ڪري استاد ۽ اسڪول جا ٻار سخت پريشان آھيون، ھنن چيو ته تعليم کاتي ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ھجڻ باوجود اسڪولن ۾ سھولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن.

ھتان جي والدين جو چوڻ آھي ته اسان اھڙيون شڪايتون T.O گمبٽ کي به ڪيون آھن پر ڪير به بڌڻ وارو ناھي، جڏھن ته ھتان جي والدين سنڌ جي وڏي وزير کان گھر ڪئي آھي ته اسان جي اسڪول جھنگل خان اڄڻ کي بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن.