مٽياري ضلعو پيپلزپارٽي جو مضبوط قلعو آهي، مخدوم خاندان هميشه علائقي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي: نثار احمد کٽياڻ

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) مٽياري لڳ شاھپوردرپور ۾ سينئر پ پ اڳواڻ ۽ کٽياڻ برادري جي سردار نثار احمد کٽياڻ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. پ پ اڳواڻ بابو محمود خاصخيلي پاران ڏنل آجياڻي ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.

آجياڻي کي خطاب ڪندي نثار احمد کٽياڻ جو چوڻ هو ته مٽياري ضلعو پيپلزپارٽي جو مضبوط قلعو آهي، مخدوم خاندان هن قلعي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان ۽ سندس فرزند اڳوڻي ضلعي چيئرمين مٽياري مخدوم فخرالزمان تعلقي اندر ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي احساس محرومي ختم ڪئي آهي.

هن چيو ته آصف زرداري ڏاهو سياسي اڳواڻ آهي، زرداري اڳ ئي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي فيل ٿي پاڻ ئي ڀڄي ويندو، ملڪ ۾ مهانگائي جو جَن بي قابو ٿي ويو آهي، هر روز عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي رهيا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي ئي واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا ملڪ کي تباهي کان بچائي سگهي ٿي.

ان موقعي تي مختلف برادرين جا چڱا مڙس وڏيرو مير خان خاصخيلي، وڏيرو غلام محمد ڳاھو، خادم ڪوري، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، دودو خاصخيلي، نديم خاصخيلي، وزير خاصخيلي، حافظ امير علي خاصخيلي، مولوي شريف خاصخيلي، الله بخش خاصخيلي ۽ نانا صالح خاصخيلي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.