ڄامشورو ڀريا وليج جي نوجوان پاران گھرو اڻبڻت سبب زهر پي خودڪشي جي ڪوشش

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو ڀريا وليج جي نوجوان رھواسي مبين ولد الياس ڀلائي گھرو اڻبڻت سبب ڪاوڙجي زھر پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال ڄامشورو ۾ داخل ڪيو ويو آھي.

پوليس موجب نوجوان جي حالت اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آھي ۽ گھريلو اڻبڻت سبب زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آھي.