گولاڙچي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان عرفان جتوئي جي خون سان انصاف ۽ ٻين مسئلن بابت احتجاج ڪيو ويو

news

گولاڙچي (رپورٽ: ساجد اقبال) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي ۾ احتجاج ڪندي شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته عرفان جتوئي جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري جي ڪئي وڃي، سنڌ اندر ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي فوري طور ان کي بند ڪرڻ گهرجي، بدين ضلعي اندر واهن شاخن جي کاٽي ڪرائي وڃي، بدين ضلعي ۾ روينيو کاتي ۾ ڪرپشن کي روڪيو وڃي.

ان موقعي تي ھاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ صالح پٽ جي صحافي اجي لاواڻي جي قتل ۽ سکر جي صحافين تي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي.

مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي چيو ته پاڪستان اندر سنڌ جي ماڻهن هميشه قانون جي بالادستي جدوجهد ڪئي آهي اها ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي يا اينٽي ون يونٽ تحريڪ هجي. هن چيو ته بدين ضلعي اندر واهن، شاخن ۽ سم نالن جي کاٽي ڪرائي وڃي.

ان موقعي تي عبدالحڪيم جتوئي، يوسف ٽالپر، الهڏتا جتوئي، ڪامريڊ محبوب علي، نور احمد جتوئي ۽ ملڪ ڪامران سميت سوين سنڌ هاري ڪاميٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.