اوڏيرو لال لڳ ڳوٺ بائو خان پٺاڻ ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، رهواسين جو احتجاج

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) يونين ڪائونسل بائو خان پٺاڻ جي وڏي آبادي وارو ڳوٺ بائو خان پٺاڻ ضلعي انتظاميا مٽياري جي نااهلي سبب گندگي جي ور چڙهي ويو.

ڳوٺ جي سمورن پاڙن ۾ نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي بيهڻ ڪري نمازين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻ لڳا. جڏهن ته شهر جي ٻن کڏن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسي عذاب ۾ ورتل آهن

ان سلسلي ۾ رهواسين نظام الدين خاصخيلي، عبدالوهاب خاصخيلي، گلاب ٿعرف محمد بخش، جان محمد، حضور بخش ۽ سليمان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.