قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي هنگري کان مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن تي مشتمل وفد پهتو

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) موهن جو دڙو تي هنگري کان مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن تي مشتمل هڪ وفد پروفيسر لازلي جي اڳواڻي ۾ قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتو.

جتي پرڏيهي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ ميوزيم ۽ ٻيا تهذيبي آثار گهمي ڏٺا.

ان موقعي تي وفد ۾ 16 پروفيسر عورتون پڻ شامل هيون. هنگري کان آيل وفد جي اڳواڻي ڪندڙ پروفيسر لازلي ٻڌايو ته هنن طرفان مصر جي قديم تهذيب ميسوپوٽيما ۽ عراق جي سُميرن تهذيبن تي ڪيل تحقيق جي ڪم بابت موهن جو دڙو تي اچي تحقيق ڪري جائزو وٺڻو هو ته مصر ۽ عراق جي تهذيبن وچ ۾ موهن جو دڙو جي تهذيب جي ڪيتري مشابهت هئي.

هن چيو ته قديم زماني ۾ عراق، مصر ۽ موهن جو دڙو جي تهذيبن ۾ ڪافي حد تائين مشابهت ملي ٿي ۽ ان دور ۾ اهي ٽيئي تهذيبون همعصر دور جون آهن، جنهن ڪري تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ انهن تهذيبن جو هڪجهڙو تعلق هو. هن چيو ته انهن تهذيبن کي وڌيڪ جاچڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وفد بعد ۾ سومرو سفاري پارڪ جي دوري ڪرڻ کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو.