آسٽريليا ۾ شديد برسات، سامونڊي پٽي ۾ پنجاهه سالن دوران بدترين ٻوڏ

news

سڊني:شديد برسات جي ڪري آسٽريليا جي اوڀر واري سامونڊي پٽي 50 سالن دوران وڏي ٻوڏ کي منهن ڏئي رهي آهي.

آسٽريليا جي اوڀر واري حصي ۾ ٿيندڙ برسات نيو سائوٿ ويلز ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترائي علائقا ٻڏي وڃڻ ڪري رستا بند ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو.

عملدارن موجب نيو سائوٿ ويلز ۾ اندازي کان وڌيڪ بدترين صورتحال آهي، لڳاتار ٿيندڙ برسات جي ڪري ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي حد پوري ٿي چڪي آهي، تيرهن علائقن ۾ اڃان به ٻوڏ جي وارننگ موجود آهي.

لڳاتار ٿيندڙ برسات جي ڪري دريائن ۽ ڊيمز ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وئي آهي ۽ سڊني جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هزارين ماڻهن کي نڪري وڃڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا ويا آهن.