ٽنڊوڄام جي صحافين جو اجي لالواڻي جي قتل خلاف احتجاج

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) اجي لالواڻي جي قتل خلاف ٽنڊوڄام جي صحافين جو احتجاج. قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي گهر.

خبر موجب ٽنڊوڄام جي صحافين پاران اجي لالواڻي جي بي رحماڻي قتل خلاف پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مستنصر علي جمالي، خادم لاکو، علي محمد جمالي، اختر رضا، مشتاق مگسي، عمران سوھو، عرفان مگسي، احسان جمالي، جنيد ڀٽي، سجاول گوپانگ ۽ ٻين پاران ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

انھي موقعي تي صحافين جو چوڻ ھو ته صالح پٽ جي نوجوان صحافي اجي لالواڻي کي بيدرديءَ سان قتل ڪري آزاد صحافت تي وار ڪيو ويو آھي. بيگناهه صحافين جي قتل جا واقعا ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيا ويندا. ھنن چيو ته گذريل ڪجھ عرصي ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ صحافين مٿان حملا ڪرڻ ۽ انھن کي قتل ڪرڻ جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين تيزي آئي آهي. جڏهن ته حڪومت صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آھي. ھنن چيو ته صالح پٽ پوليس اجي لالواڻي جي قتل کي ذاتي دشمني قرار ڏئي، اصل حقيقتن کي لڪائي رھي آھي.

ھنن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته اجي لالواڻي جي قتل جي شفاف جاچ ڪري قاتلن کي فوري گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.