مسوڀرڳڙي ڀرسان گھر کي باهه، الھ تلھ سڙي رک، متاثر پاران واھر جي اپيل

news

مسوڀرڳڙي (رپورٽ: پانچورام) مسوڀرڳڙي ڀرسان بجلي شارٽ سرڪٽ مان گھر کي باهه، الھ تلھ سڙي رک، متاثر پاران واھر جي اپيل.

خبر موجب مسو ڀرڳڙي ڳوٺ ظھير ٻارچ ۾ بجلي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو پورھيت ارشاد ملاح جي گھر کي باهه لڳي وئي، ڳوٺاڻن جي ڪوشش باوجود باهه تي ضابطو نه آيو، پورھيت جو گھر مڪمل سڙي خاڪ ٿي ويو، گھرڀاتين پاڻ بچائي ورتو، جڏهن ته گھر ۾ پيل قيمتي سامان، ھنڌ بسترا، کٽن سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو، گھر ۾ پيل ضرور ڪاغذات پڻ سڙي ويا.

متاثر پورھيت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهي. ھوڏانھن متاثر پورھيت ارشاد ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون غريب مسڪين آھيان ھاڻي مون وٽ ڪو اجھو ناھي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهي. اعليٰ اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته منھنجي واھر ڪئي وڃي.