ميرپورماٿيلو ۾ رهڙڪي جي صحافي مٿان ٿيل حملي خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) رهڙڪي جي صحافي ابوبڪر چنه مٿان ٿيل حملي خلاف ميرپورماٿيلو ۾ ڀٽائي ميڊيا سينٽر پاران قلم ڌڻين جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي جاويد لاشاري، وقار بوزدار، سعيد چانڊيو، معشوق ڇڄڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته صحافي ابوبڪر چنه مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ صحافي سان انصاف ڪيو وڃي.

هنن چيو ته هر آئي ڏينهن صحافين کي حق سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان کي قتل ڪرايو ويندو يا وري مٿس دهشتگردي جي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هراسان ڪيو ويندو آهي.

هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.