جيڪب آباد ۾ ٻه ڦورو پوليس وارا سڏرائي ھندو واپاري جي گھر ۾ گھڙي چار تولا سون ڦر ڪري فرار

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) چرس ٿا ھلايو، جيڪب آباد ۾ ڌاڙي جي انوکي واردات، ٻه ڦورو پوليس وارا سڏرائي ھندو واپاري جي گھر ۾ گھڙي چار تولا سون ڦر ڪري فرار.

جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ڏنگر محلا ۾ اعواڻ گھٽي ۾ ڌاڙي جي انوکي واردات ٿي، ٻن ڦورن ھندو واپاري سچانند جي گھر جو دروازو کڙڪائي چيو ته پوليس وارا آهيون اوهان چرس ٿا ھلايو تلاشي وٺڻي آهي پيرسن عورت پشبا دروازو کوليو ته ڦورو گھر ۾ گھڙي تلاشي وٺڻ بعد عورت کي پاتل چار تولا سون جون چوڙيون پسٽل ڏيکاري لاھي ورتيون، جنهن بعد ڦورو فرار ٿي ويا.

اھڙي واردات بعد پيرسن عورت زارو قطار روئيندي رھي، اھڙي ڌاڙي جي اطلاع بعد ھندو جنرل پنچائت جو صدر لال چند سيتلاڻي سميت وڏي انگ ۾ ھندو برادري جا ماڻھو پھچي گھر ڌڻيءَ سان واقعي تي ھمدردي جو اظهار ڪندي ھر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو.

ان سلسلي ۾ سچانند ٻڌايو ته ٻن ڄڻن دروازو کڙڪائي چيو ته چرس ٿا ھلايو اسان سي آءِ اي پوليس وارا آھيون جنهن بعد ڦورن گھر جي تلاشي وٺڻ بعد پيرسن امڙ کي پسٽل ڏيکاري سونا زيور لاھي فرار ٿي ويا آهن. ھن چيو ته اسان ھندو برادري خوف ۾ وٺجي ويا آهيون، ايس ايس پي نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرائي شھرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.