ڏوڪري تعلقي بار ايسوسيئيشن جون چونڊون ٿي گذريون

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري تعلقي بار ايسوسيئيشن جون چونڊون ٿي گذريون.

جنهن ۾ صدر امداد علي جويو، وائيس پريزيڊنٽ قاضي ديدار علي جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري سراج احمد سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالرشيد پٺاڻ، خزانچي الطاف حسين کوکر، لائبريري سيڪريٽري مولا بخش ڪولاچي، ايم ايم سي هاشم علي چانڊيو، امتياز علي ڪانڊڙو، عاقف  علي جوڻيجو، اياز حسين ڪلهوڙو، منير احمد سومرو، ساجد علي کوکر، شفيع الرحمان ابڙو چونڊيا ويا.