سنڌ حڪومت سم نالن جي کوٽائي لاءِ ٻه ارب روپيا منظور ڪيا آهن: صوبائي وزير سهيل انور سيال

news

بدين/ گولاڙچي (رپورٽ: تنوير احمد ۽ ساجد اقبال) سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير سھيل انور سيال چيو آهي وفاق سنڌ جا 82 ارب روپيا روڪي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن اھي ملن ھا ته انهن پيسن مان اڃان به سنڌ ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايون ھا.

ٽنڊوباگو ۾ آرائين ٽيل وٽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن کان بريفنگ وٺڻ ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪرڻ توڙي کٽياڻ هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو تہ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ھدايتن تي بدين وارن وٽ حاضر ٿيو آھيان. ھن چيو تہ ايريگيشن سسٽم ۾ بھتري آڻي رھيا آھيون، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سم نالن جي کوٽائي لاءِ 2 ارب روپيا منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ايل بي او ڊي جي ڊسچارج جي گنجائش کي 4 ھزار 6 سو ڪيوسڪ کي وڌائي 10 ھزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي زراعت  صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو تہ ٻج ۽ ڀاڻ ۾ قسم جي ملاوٽ برداشت نہ ڪئي ويندي، ملوث ماڻهن خلاف ايف آئي آر پڻ داخل ڪئي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي قيادت بدين جي ماڻهن لاءِ فڪرمند آهي، ايريگيشن ۽ زراعت کي وڌ کان وڌ سھولتون ڏنيون وينديون.

ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح چيو تہ بدين کي ھميشه سِم نالن ٻوڙيو آهي، ھاڻي ضرورت آهي ته سم نالن جي کوٽائي ڪئي وڃي، جنهن جي شروعات  ايل بي او ڊي کان ٿيڻ گهرجي.

ان موقعي چيئرمين ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ صوبائي وزير سھيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته بدين کي ڊرينيج سسٽم تباھ پيو ڪري، جنهن لاءِ سم نالن جي کوٽائي انتھائي ضروري آهي نه ته هر سال برساتن ۾ ضلعو ٻڏي ويندو.

ان موقعي تي سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو، وڏي وزير جو صلاحڪار پير نور الله قريشي، وڏي وزير جو صلاحڪار اشفاق علي ميمڻ، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، چيئرمين ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ قبول محمد کٽياڻ، سيڊا چيئرمين باسط علي سومرو ۽ ڊي سي آغا شاهنواز خان پڻ موجود هئا. جڏهن تہ صوبائي وزير آرائين ٽيل وٽ ٻوٽو پوکي بهار موسم جي وڻڪاري جو افتتاح ڪيو.