والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم جاري، وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد

news

سرينگر:(سومر 22 مارچ 2021ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب نوجوانن کي ضلعي شوپيان جي علائقي مانيهال ۾ شهيد ڪيو ويو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. شهيدن جا وارث ڀارتي ظلمن خلاف گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڀارتي فوج  خلاف احتجاج به ڪيو.

واضح رهي ته ڀارتي فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند آهي. گذريل هفتي به ضلعي شوپيان ۾ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو هو. ڪارروائي ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن کي به وڏي پيماني تي نقصان پهچايو ويو هو.

  هوڏانهن والاريل ڪشمير ۾ يوم پاڪستان جي مناسبت سان پوسٽر لڳي ويا. سري نگر ۾ لڳل ان پوسٽرن تي قائداعظم ۽ حريت اڳواڻن جون تصويرون موجود آهن.