مسوڀرڳڙي:واڻڪي وسي ۾ امام حسين عه ۽ غازي عباس عه جي ولادت جو جشن ملهايو ويو

news

مسوڀرڳڙي(رپوٽ: پانچورام ) مسوڀرڳڙي ڀرسان واڻڪي وسي ۾ جشن ظھور پرنور امام حسين عليه السلام ۽ غازي عباس عليه السلام ملھايو ويو خبر موجب

محسن انسانيت امام حسين عليه السلام ۽ غازي عباس عليه السلام جي ولادت جي سلسلي ۾  واڻڪي وسي  ۾ سيد ساجد شاھ ،سيد مھدي شاھ پاران جشن  تقريب ڪوٺائي وئي، جشن تقريب جو مھمان خاص قدم گاهه مولاعلي عليه اسلام  جو صدر سيد سجاد حسين شاهه جھانيان، سيد اڪرام شاھ جھانيان ۽ سيد غلام مھدي شاھ ڪيڪ ڪاٽيو بعد ۾ قصيده جي محفل شروع ڪئي وئي جنھن ۾ فھيم عباس،وسيم عباس،خرم عباس مولا حسين عليه السلام ۽ غازي عباس علمدار جي شان ۾ شاندار قصيده پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

جشن تقريب ۾  سيد عرفان علي شاهه جھانيان، سيد  جاني شاهه، سيد مجاھد علي شاهه، ڪاظمي باقر علي شاهه سيد شبير حسين شاهه سيد علي شاهه . سيد محمد شاهه سيد نياز حسين شاهه، گلشير جتوئي، وسيم عباس مري بلوچ، مشرف علي لغاري، استاد گل لغاري، محبوب علي لغاري، موھن لعل، باقر علي لغاري ۽ سينئر صحافي راجا آصف لغاري، پانچورام، آفتاب علي لغاري، فراز علي شيخ، علائقائي مقامي قصيده خوانن پڻ قصيده پيش ڪيا، تقريب ۾ واڻڪي وسي سميت علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.