ميهڙ ۾ سينئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف قلم ڌڻين جو هنگامي اجلاس ٿي گذريو

news

ميهڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميهڙ ۾ سينئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ شرپسندن پاران سمورن صحافين کي موتمار ڌمڪيون ۽ گارگند ڪرڻ واري واقعي خلاف ميهڙ جي مختلف پريس ڪلبن جي صحافين جو گڏيل هنگامي اجلاس ٿيو.

جنهن ۾ ايوان صحافت جي صدر آزاد انور ڪانڌڙو، اڪبر ڪانڌڙو، ميهڙ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري جميل مهيسر، رياض چانڊيو، جاويد سومرو، ايڇ يو جي ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري بابو عبداللہ سومرو، سردار اڪبر پنهور،  نيشنل پريس ڪلب ميهڙ جي عبدالرحمان قمبراڻي، محمد علي شيخ، منظور مهيسر ۽ عبدالغني ميراڻي، سنڌ پريس ڪلب جي الاهي بخش چانڊيو، راجا جانوري، نصرالله سولنگي، سنڌ پريس ڪلب ايٽ ميهڙ جي صدر عبدالحق کوکر، حميد کوسو، رياض سومرو، شبير کوسو ۽ امداد کوسو سميت وڏي تعداد ۾ صحافين ۽ قلم ڌڻين پاران شرڪت ڪئي.