اوڏيرولال اسٽيشن ۾ نوجوان کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، اسپتال ۾ ويڪسين اڻلڀ

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) ٽائون ڪميٽي اوڏيرولال اسٽيشن ۾ ڇتن ۽ رولو ڪتن تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڇتي ۽ رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، هاءِ ڪورٽ سکر برانچ جي حڪمن کي ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال اسٽيشن انتظاميا هوا ۾ اڏائي ڇڏيو. 

خبر موجب اوڏيرولال اسٽيشن جي رهواسي 35 ورهين جي عبدالحميد قمبراڻي کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، ٽائون آفيسر خلاف اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي، ڪتي ڏاڙهيل نوجوان کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ نيو ويو ته اسپتال انتظاميا پاران ڇتي ڪتي جي ويڪسين نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي کيس واپس موڪليو ويو.

رابطو ڪرڻ تي متاثر نوجوان ٻڌايو ته سموري شهر سميت مڪراني پاڙي ۾ رولو ۽ ڇتن جو آزار وڌي ويو آهي. هن ٻڌايو ته بار بار انتظاميه کي ڪتا مار مهم شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر انتظاميه جي ڪَن تي جونءِ به ڪانه سري آهي. هن ٻڌايو ته ڪتا مار مهم لاءِ ايندڙ دوائون مبينا طور وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، هن ٻڌايو ته سرڪاري اسپتال ۾ پڻ ڇتي ڪتي جي ويڪسين اڻلڀ آهي، جنهن ڪري مريض پڻ سخت پريشان آهن.