ٽنڊوڄام پوليس پاران ڪورونا وائرس دوران ڊيوٽي ڪندڙ صحت کاتي جي عملي کي سلامي ڏئي شڪريو ادا ڪيو ويو

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام پوليس پاران ڪورونا وائرس دوران ڊيوٽي ڪندڙ صحت کاتي جي عملي کي سلامي ڏئي شڪريو ادا ڪيو ويو.

خبر موجب ڪورونا جهڙي خطرناڪ وبا دوران فرنٽ لائين تي ڊيوٽي ڪندڙ صحت کاتي جي عملي جي همٿ افضائي ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او ٽنڊوڄام قربان عاقلاڻي پوليس نفري سميت رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊوڄام پهچي ڊاڪٽرن ۽ پئرا ميڊيڪل عملي کي سلامي پيش ڪندي شڪريو ادا ڪيو.

ان موقعي تي ايس ايڇ او ٽنڊوڄام قربان عاقلاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صحت کاتي جا ڊاڪٽر ۽ پئراميڊيڪل عملو پنهنجون زندگيون داءُ تي لڳائي عوام کي ڪورونا جي وائرس کان بچائڻ جي ڪوششن ۾ فرنٽ لائين تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي، ملڪ جا اصل هيرو ڊاڪٽر ۽ پئراميڊيڪل عملو آهي، هن چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد جي حڪم تي ضلعي حيدرآباد جي سڀني ٿاڻن طرفان پنهنجي پنهنجي علائقي جي صحت مرڪزن تي موجود عملي کي پوليس طرفان سلامي پيش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته عوام کي صحت کاتي طرفان ٻڌايل هدايتن سختي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي ۽ پوليس سان سهڪار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪورونا جي وبا کان پاڻ کي ۽ ٻين کي بچائي سگهجي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن ۽ پئرا ميڊيڪل عملي طرفان پڻ پوليس جو شڪريو ادا ڪيو ويو.