ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ مير خان گبول ۾ سڱاوتي تڪرار تان اغوا ٿيل نينگري کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ مير خان گبول ۾ سڱاوتي پراڻي تڪرار تان 4 هٿياربندن پاران 6 مهينا اڳ اغوا ٿيل 12 ورهين جي نينگري سيما ڌيءُ علي حسن گبول کي فتح پور پوليس ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

ان ڏس ۾ فتح پور ٿاڻي تي پوليس جي تحويل ۾ موجود بازياب ٿيل 12 ورهين جي نينگري سيما گبول ميڊيا کي ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ 4 هٿياربندن جان محمد گبول، گلزار گبول، رحيم گبول ۽ اوشاق گبول گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري 6 مهينن تائين پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو. هن چيو ته فتح پور ٿاڻي جي پوليس ڇاپو هڻي کيس بازياب ڪرايو آهي.

هوڏانهن ايس ايڇ او فتح پور الطاف وڌو جو چوڻ آهي ته هنن اطلاع تي مير خان گبول ڳوٺ تي ڇاپو هنيو ته جوابدار فرار ٿي ويا. جڏهن تي اتان اغوا ٿيل نينگري سيما گبول کي هنن پاران بازياب ڪرايو آهي. پوليس موجب اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.