ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: جرمني ۾ ايسٽر تي سخت لاڪ ڊائون جو فيصلو

news

برلن: (اربع 24 مارچ 2021ع) ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب جرمني ۾ ايسٽر جي موقعي تي سخت لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ لاڳو لاڪ ڊائون ۾ 18 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي. جرمني جي خابرو اداري ڊي ڊبليو موجب جرمني ۾ وفاقي ۽ رياستي اڳواڻن ايسٽر جي موڪلن دوران سخت لاڪ ڊائون تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان جرمني جي وائس چانسلر جو چوڻ آهي ته وائرس جي نئين قسم سبب اسان کي نئين وبا کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.  ان حوالي سان جرمن چانسلر انجيلا مارڪل اعلان ڪيو ته جرمني ۾ لاڳو موجوده لاڪ ڊائون ۾ 18 اپريل تائين واڌ ڪئي پئي وڃي. ان جي تحت ملڪ ۾ پهرين اپريل کان پنج اپريل تائين يعني ايسٽر جي موڪلن دوران  اڳ کان به وڌيڪ سخت بندشون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان دوران روزاني گهريلو ضروري شين جي اسٽورن سميت تقريبن سموريون دڪانون به بند رهنديون. ان سلسلي ۾ جرمني جي 16 رياستن جي اڳواڻن ۽ انجلا مارڪل وچ ۾ ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ڊي ڊبليو موجب جرمني ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جي ڪيسن ۾ ايتري تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي جو اختيارين کي هڪ دفعو ٻيهر ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ڪٿي اسپتالن ۾(آءِ سي يو) جي کوٽ نه ٿي وڃي.