جيڪب آباد ۾ نانگ کي مارڻ کان بچائيندڙ پورھيت نانگ جي ڪکڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ نانگ کي بچائيندڙ پورھيت نانگ جي ڪکڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو.

جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد شريف ڪالوني ۾ ڳوٺاڻن پاران لوڙھي مان نڪتل نانگ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پورھيت گلاب خان جتوئي نانگ کي مارڻ کان بچائي ورتو، نانگ کي کڻي لوڙھي جي اندر ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نانگ حياتي بچائيندڙ پورھيت کي ڪکي وڌو.

جيڪو موقعي تي بيھوش ٿي پٽ تي ڪري پيو جنهن کي وارث سول اسپتال کڻائي آيا ته ڊاڪٽر پڻ موت جي تصديق ڪئي جنهن بعد پورھيت جو مڙهه گھر آندو ويو ته گھر ۾ قھرام مچي ويو.

فوتي جي پاڙيسرين موجب ته پورھيت گلاب خان جتوئي رحمدل ھو پاڙي وارا نانگ ماري رھيا ھئا ته ھن وچ ۾ پئي نانگ کي مارڻ کان منع ڪري حياتيءَ بچائي ورتي نانگ کي لوڙھي اندر ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش دوران نانگ ڪکي وڌو جنهن سبب پورهيت پنهنجو حياتي وڃائي ويٺو نانگ لوڙھي ۾ گھڙي گم ٿي ويو پورھيت کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي جيڪو گڏهه گاڏي تي پاڻي وڪرو ڪري ٻارن جو پيٽ پاليندو ھو.