ٽنڊوڄام لڳ معصوم ٻارڙي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت، وارثن پاران قتل جو الزام، ڌرڻو، احتجاج

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ جھنڊو کوسو ۾ اڍائي سالن جي معصوم ٻارڙي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت. وارثن پاران ٻارڙي جي ماماڻن تي قتل جو الزام. روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج.

خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ راھوڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھنڊو کوسو ۾ اڍائي سالن جي معصوم ٻارڙي حفصه ڌيءُ مدد کوسو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويئي. ٻارڙي حفصه پنهنجي ماءُ سان گڏ ڪجهه عرصي کان ماماڻن وٽ رهندي هئي، جتي هي واقعو پيش آيو.

اطلاع ملڻ تي راھوڪي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي واقعي بابت معلومات حاصل ڪئي. جڏھن تي معصوم ٻارڙي حفصه جي پيءُ، ماءُ ۽ ٻين وارثن مامن تي ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جو الزام مڙهيو، جنهن بعد پوليس ٻارڙي جو لاش حيدرآباد اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪريو ڇڏيو. بعد ۾ ٻارڙي جي پيءَ مدد کوسو ۽ ٻين وارثن ٻارڙي جي مبينا قتل خلاف حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي عثمان شاهه اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

نينگري جي والد مدد علي جو چوڻ ھو ته منهنجي سالي وارن سان ڪجھ وقت کان تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن ڪري انهن منهنجي معصوم نياڻي کي قتل ڪيو آھي. جن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.  بعد ۾ ايس ايڇ او راھوڪي ڌرڻي ۾ پھچي، ايف آءِ آر درج ڪري، ڪارروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

بعد ۾ راهوڪي پوليس ٻارڙي جي والد مدد علي کوسو جي فرياد تي جوابدار امير بخش، نور حسن، منور حسين، مظهر حسين ۽ مسمات زبيده خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.