ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا مريضن جي انگ ۾ واڌ باوجود ايس او پيز تي عمل نه ٿيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي شدت، 23 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ باوجود انتظاميه ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام، عوام سمارٽ لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جو مرض علائقي لاءِ هاڃيڪار بڻجي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، جنهن ۾ وائرس ۾ مبتلا مريضن جو هڪ ڏينهن ۾ تعداد 23 ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن کي پنهنجي گهرن تائين آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي، صحت کاتي مرض ۾ مبتلا مريضن کي پنهنجي گهرن تائين محدود رکڻ کانسواءِ سندن صحت بابت عملي طور ڪو به خيال نه رکيو آهي.

علائقي جي عوام جو چوڻ آهي ته صحت کاتي جي طرفان ٽئين مرحلي ۾ ڪورونا جي شدت واري حملي باوجود صحت کاتي پاڻ کي مڪمل لاتعلق بڻائي صرف ٽيسٽون ڪرائڻ جي عمل کي جاري رکيو آهي پر صحت جون ڪي به بنيادي سهولتون فراهم نه ڪيون آهن، ٽنڊو محمد خان جي شهري علائقي مان 2 درجن کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض ڪراچي ۽ حيدرآباد جي خانگي اسپتالن ۾ وينٽيليٽرن تي زندگي ۽ موت سان جنگ ڪري رهيا آهن سندن حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ جا پڻ اطلاع ملي رهيا آهن جيڪي مريض صحت کاتي جي انگن اکرن کان الڳ آهن.

ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جي شدت تي عوامي رد عمل طور سياسي، سماجي حلقن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان ٽنڊو محمد خان ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.