چين يا آمريڪا جي چونڊ ۾ اتحادين تي دٻاءُ نه وجهنداسين: اينٽوني بلنڪن

news

برسلز:آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته چين اولهه جي لاءِ خطرو آهي پر آمريڪا يا چين ڪنهن هڪ جي چونڊ لاءِ ڪنهن تي ڪو دٻاءُ نه وڌو ويندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برسلز ۾ منصب سنڀالڻ کانپوءِ يورپ جي پهرئين دوري دوران ٻين يورپي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير چين، روس، ايران سان جوهري معاهدي ۽ پهرين مئي تي ختم ٿيندڙ افغانستان مان فوج جي نيڪالي جي مهلت سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ خطاب ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا چين جي معاملي ۾ ”اسان يا هو“ وارو رويو اختيار نه ڪندو ۽ اتحادين تي ڪنهن هڪ طرف ٿيڻ تي زور نه ڏيندو.پر بائيڊن حڪومت چين جي عسڪري ۽ فوجي قوت کي اولهه لاءِ خطرو سمجهي ٿي.