ورلڊ ڪپ جي فتح کي اڻٽيهه سال گذري ويا

news

لاهور: پاڪستان جي اڪيلي ورلڊ ڪپ کي 29 سالن گذّري ويا.

1992 ۾ آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي گڏيل ميزباني هيٺ کيڏيل ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ٽيم کي فيورٽس ۾ شامل نه ڪيو ويو، شروعات به ڪا چڱي نه هئي، شروعاتي 5 ميچن ۾ صرف هڪ فتح حآصل ڪرڻ بعد گرين شرٽس جو سفر پورو ٿيندي نظر پئي آيو پر ان کانپوءِ سموري چال عمران خان جي ڪپتاني هيٺ ٽيم جي حق ۾ ٿيندي وئي.

انگلينڊ خلاف ميچ ۾ پاڪستاني اننگز صرف 74 تي تمام ٿي وئي، برسات سبب ميچ جي بي نتيجا هجڻ تي ملندڙ قيمتي پوائنٽ اڳتي هلي ڪم اچي وئي، هڪ مرحلي تي ضرورت هئي ته پاڪستان ايونٽ ۾ ناقابل شڪست نيوزي لينڊ کي زير ڪري ته ٻئي طرف آسٽريليا جي ويسٽ انڊيز هٿان هار به هجي، اهي ٻئي نتيجا ڏسڻ لاءِ مليا، ان موقعي تي انگلينڊ سان ميچ ۾ هڪ پوائنٽ جي مدد سان پاڪستان (9پوائنٽس) سيمي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي، آسٽريليا(8) ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو.

سيمي فائنل ۾ هڪ دفعو ٻيهر سڀ کان ان فارم ٽيم نيوزي لينڊ سان مقابلو ٿيو، گرين شرٽس 263 جو هدف حاصل ڪيو، ان ۾ 37 بالن تي 67 رنز وٺندڙ انضمام الحق هيرو بڻجي ويو.

فائنل ۾ انگلينڊ خلاف پاڪستان عمران خان 72، جاويد ميانداد 58 ۽ انضمام الحق 42 رنز جي مدد سان 6 وڪيٽن تي 249 جو سنگ حاصل ڪيو، انلگلش ٽيم 227 تائين محدود رهي، مين آف دي ميچ وسيم اڪرم ۽ مشتاق احمد 3،3 جڏهن ته عاقب جاويد 2 شڪار ڪيا، عالمي اعزاز کٽڻ کانپوءِ پوري ملڪ ۾ جشن هو پر 25 مارچ ٻيهر نه اچي سگهيو.