اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائل سروس بند

news

اسلام آباد: (خميس 25 مارچ 2021ع) يوم پاڪستان جي پريڊ جي موقعي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائل فون سروس بند آهي.

جاڙن شهرن ۾ صبح جو پنجين وڳي کان 2 وڳي تائين موبائل فون سروس بند رهندي. واپاري مرڪز ۽ آفيسون به بند آهن. ٻنهي شهرن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ٽريفڪ پلان به تبديل ڪيو ويو آهي.

پريڊ جي موقعي تي 375 ٽريفڪ اهلڪار فرض انجام ڏئي رهيا آهن. شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي مڪمل پابندي آهي. مري روڊ، راولپنڊي کان اسلام آباد ويندڙ ٽريفڪ کي ڊبل روڊ چوڪ کان نائن ايوينو طرف موڙيو ويندو. پريڊ گرائونڊ طرف ايندڙ سمورا رستا بند آهن ۽ ايڪسپريس وي به ٽريفڪ لاءِ بند آهي.

ٽريفڪ کي جاڙن شهرن جي اندران متبادل رستا ڏنا ويا آهن. راولپنڊي ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا اربع جي رات 12 وڳي کان خميس جي ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين بند رهندي.